5 جولا۽ جنهن رات جنرل ضياء مارشل لا هنئي

5 جولا۽ جنهن رات جنرل ضياء مارشل لا هنئي

 

ذوالفقار قادري
اها 4 ۽ 5 جولا۽ 1977ع جي رات هئي رات جا ٻه ٿي رهيا هئا، عبدالحفيظ پيرزادو ٖ ممتاز علي ڀٽو ٖ غلام مصطفئ کر ۽ مولانا ڪوثر نيازي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کان پرائيم منسٽر هائوس راولپنڊي مان موڪلائي پنهنجي رهائش گاهن ڏانهن روانه ٿي چڪا هئا وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي رهائش گاهه تي ضروري سرڪاري فائيل ڏسي رهيو آهي، ڀر واري ڪمري ۾ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ٻارن بينظير، مرتضيٰ، صنم، شاهنواز سان گڏ اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. ايتري ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جی خاص نوڪر عرس جوکیو اچي ڀٽي صاحب کي آگاهه ٿو ڪري ته وزير اعظم هائوس کي هٿياربند فوج جي ٽرڪن گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، سمورن رستن تي ٽينڪون ۽ بڪتربند گاڏيون پهچي چڪيون آهن. ايتري ۾ ٽرپل ون برگيڊ جو ڪمانڊر برگيڊيئر امتياز وڙائچ اچي سليوٽ ڪري ڀٽي صاحب کي آگاهي ٿو ڏئي ته سر هٿياربند فوج ملڪ جو انتظام سنڀالي چڪي آهي. اوهان کي اسان سان گڏ هلڻو پوندو. ٻئي طرف وزير اعظم هائوس کان ڪجهه پنڌ تي آرمي هائوس ۾ هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل ضياءُ الحق سان گڏ ڏهين ڪور جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض علي چشتي جيڪو ان ”آپريشن فيئر پلي“ جو انچارج آهي، آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل غلام جيلاني خان، ملٽري انٽيليجنس سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رياض عباسي، ليفٽيننٽ جنرل جهان زيب ارباب،


ليفٽيننٽ جنرل اقبال خان، ليفٽيننٽ جنرل سوار خان، ليفٽيننٽ جنرل فضل حق، ميجر جنرل خالد محمود عارف، ميجر جنرل اختر عبدالرحمان سميت اڪثر ڪور ڪمانڊر، پرنسپل اسٽاف آفيسر ۽ فارميشن آفيسر به ساڻس گڏ هئا، پر ضياءَ جي مٿان هر لمحو ڳرو پئي گذريو. ضياءَ ته ائين پئي سمجهيو ته وزير اعظم هائوس جون سموريون ٽيليفون لائينون ڪٽيل آهن، پر اوچتو ٽيليفون جي گهنٽيءَ جنرل ضياءَ کان ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيو. هن فون اٽينڊ ڪيو، ٻئي طرف لائين تي ذوالفقار علي ڀٽو هو، جيڪوکانئس پڇي رهيو هو ته، هي ڇا مذاق آهي؟ جواب ۾ جنرل ضياءَ کيس صرف اهو چيو ته سر اسان کي افسوس آهي جو هٿياربند فوج پنهنجي ڪارروائي ڪري چڪي آهي. اوهان ڪيڏانهن وڃڻ پسند ڪندا ٖ اوهان کي مري ريسٽ ھاؤس منتقل ڪيو پيو وڃي باقي اوهان جي فيملي کي ڪراچي يا لاڙڪاڻي روانو ڪجي ايئن چئي جنرل ضياء فون بند ڪري ڇڏيو ٿوري دير ۾ ئي ذوالفقار علي ڀٽي کي فوجي دستن ڪوهہ مري شفٽ ڪيو باقي بيگم نصرت ڀٽو ٖ بينظير ڀٽو ٖ صنم ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو ۽ 5 جولا۽ 1977ع جي صبح تي جنرل ضياء ٽي وي ۽ ريڊيو تي قوم سان خطاب ڪندي چيو “ پيارا هم وطنو اسان وطن عزيز کي هڪ وڏي بحران مان ڪڍي ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ڇڏي آھي ٖ
5 جولا۽ 1977ع تي جنرل ضياء ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري ذوالفقار علي ڀٽي سميت پ پ پ ۽ قومي اتحاد جي اهم اڳواڻن کي فوجي دستن حراست ۾ وٺي ڇڏيو ٖ ذوالفقار علي ڀٽي کي جولا۽ جي آخري هفتي ۾ ڪوهہ مري ريسٽ ھاؤس مان آزاد ڪيو ويو تہ ڀٽو صاحب عوامي رابطہ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو ٖ جنرل ضياء جي سرڪار ڀٽي جي مقبوليت ڏسي 3 سيپٽمبر تي کيس نواب محمد احمد خان قصوري قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو پر 13 سيپٽمبر تي لاهور ها۽ ڪورٽ جي جسٽس ايم ڪي صمداني ڀٽي صاحب کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو ٖ ڀٽو صاحب آزاد ٿيندي ئي لاهور کان ريل رستي ڪراچي آيو ۽ پو۽ عيدالفطر ملهائڻ لاڙڪاڻي پهتو لاڙڪاڻي ٖ نئين ديري ۾ ماڻھن سان عيد مليو المرتضئ ۾ وقفي وقفي سان ماڻھن جي مجمعي سان خطاب بہ ڪندو رهيو 16 ۽ 17 سيپٽمبر 1977ع جي رات ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي جي اهم رات هئي ٖسڀ ملاقاتي وڃي چڪا هئا پر هڪ شخص المرتضئ جي انڪسي ۾ ڀٽي جو انتظار ڪري رهيو هو ٖ ڀٽو صاحب رات جو دير سان ماڻھن ۽ ملاقاتين مان واندو ٿي ان شخص وٽ پهتو ٖ ڀٽي سان ملاقات لا۽ منتظر اهو شخص ڏاڍو پريشان هو ٖ ڀٽو جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيو تہ اهو شخص ٻانهون ٻڌي سندس پيرن تي ڪري پيو ٖ ۽ ڀٽي کي چيائين مان تنهنجو دوست آھيان ٖ سالن جي دوستي ۾ مون اوهان سان ايڏي حجت ڪڏھن نہ ڪئي آهي نہ اوهان کان ڪجهہ پنهنجي ذات لا۽ ورتو اٿم ٖ پر اڄ مون کي نا اميد نہ ڪجو ٖ جيڪو چوان انڪار نہ ڪجو ٖ ڀٽو ان همراه جو اهڙو رويو ڏسي پريشان ٿي ويو کيس چيائين “ رفيع ڪهڙيون

ٻاراڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين تون ٻڌا۽ تہ سهي “ ها هي ڀٽي سان ان رات ملندڙ آخري شخص رفيع رضا هو ٖ رفيع رضا ٖ ذوالفقار علي ڀٽو ڪابينہ جو اهو اهم ۽ با خبر وزير هو جنهن جا هڪ ئي وقت آمريڪن ۽ پاڪستاني سول فوجي ايسٽيبلشمنٽ سان لاڳاپا ۽ رابطہ هئا ٖ رفيع رضا ان رات المرتضئ ۾ ڀٽي کي واضع ٻڌائي ڇڏيو تہ توکي صفہ هستي تان ختم ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آھي ٖ ٻہ رستا اٿئي يا موت لا۽ تيار ٿي وڃو يا فورن ملڪ ڇڏي هليا وڃو ٖ جي اوهان اجازت ڏيو تہ اڄ جي رات ئي اوهان کي پاڪستان مان سڄي فيملي سميت موڪلرائي سگهان ٿو ٖ ٽائيم ڪونهي صبح جي سج اڀرڻ تائين جي بہ مهلت ڪونهي هاڻي ئي رات پهر ۾ فيصلو ڪري ٻڌايو ٖ ڀٽي رفيع رضا جون ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ پو۽ ڀٽو اٿيو ۽ اکين مان نير وهائيندڙ رفيع رضا کي وڃين ڀاڪر پاتائين ٖ ۽ رفيع رضا کي چيائين “ رفيع تون دوستي جو حق ادا ڪري ڇڏيو ٖ مون کي توکان ڪا شڪايت ناهي ٖ پر رفيع مان ڪانئر نہ آھيان ٖ مان اتي ئي رهندس ۽ موت کي قبول ڪندس ٖ مون پاڻ کي تمام سخت حالتن لا۽ تيار ڪري ورتو آھي ٖ تنهنجي مهرباني رفيع جن بہ توکي اهو نياپو ڏنو آھي انهن کي ٻڌائي ڇڏ هنن کي جيڪو ڪجهہ ڪرڻو آھي ڪري وٺن ٖ مان نہ ئي انهن آڏو جهڪندس ۽ نہ ئي وري ڌرتي ڇڏي ڀڄندس “ ڀٽي جا اهي لفظ ٻڌي رفيع رضا مايوس ٿي هليو ويو ٖ انهن ڏينهن ۾ پنو عاقل فوجي ڇانوڻي تعمير ڪونہ ٿي هئي ٖ سکر ۾ فوج جو برگيڊ ھيڊ ڪوارٽر هوندو هو ٖ انهن ڏينهن ۾ منظور حسين ڀٽو سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ علي انور کوکر سکر جو سب ڊويزنل مئجسٽريٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر هو ٖ فوجي مارشل لا اٿارٽيز انهن کي فوري طلب ڪيو گڏو گڏ سينٽرل جيل سکر جي سپرنڊنٽنٽ کي بہ طلب ڪيو ويو ٖ هنن کي چيو ويو تہ ڪو اهم قيدي هتي رکڻو آ هنگامي بنيادن تي جيل ۾ هڪ سيل تيار ڪئي وڃي ٖ تجربيڪار آفيسر هئا هنن کي سڌ پئجي وئي ٖ ڊپٽي ڪمشنر منظور حسين ڀٽو تمام انتظامن جو انچارج ايس ڊي ايم سکر علي انور کوکر کي بڻايو ۽ پاڻ انهن کي مانيٽر ڪندو رهيو فوجي وري بار بار رپورٽ وٺندا رهيا ٖ علي انور کوکر سکر جيل جي انتظاميہ سان ملي جيل اندر هڪ کولي کي همگامي بنيادن تي ڪجهہ ڪلاڪن ۾ رنگ روغن ڪرائي ڇڏيو گڏوگڏ پنهنجي گهران هنڌ بسترو ۽ ٽي وي کڻي اها بہ اتي لڳرائي ڇڏي ان سان گڏ پنهنجي گهر ماني بہ تيار ڪرائي ڇڏي هاڻي سڀ ان قيدي جو انتظار ڪرڻ لڳا ٖ ٻئي طرف رفيع رضا جي موڪلائي وڃڻ جي ڪجهہ دير بعد فوجي دستن المرتضئ هاؤس کي گهيرو ڪر ي ورتو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ٖ ان وقت عيد جي سبب ڀٽي صاحب جي سموري فيملي بيگم نصرت ڀٽو ٖ بينظير صاحبہ ٖ مير مرتضئ ٖ صنم ۽ شاهنواز المرتضئ ۾ ئي ترسيل هئا ٖ گرفتاري وقت ڀٽي صاحب مير مرتضئ کي هدايت ڪئي ننڍي ڀاءٗ شاهنواز کي وٺي فورن نڪري وڃجو باقي بينظير ٖ بيگم نصرت ۽ صنم هتي هوندا ٖ بس پو۽ فوجي دستن المرتضئ مان ڀٽي صاحب کي ۽ ميرپور ڀٽو مان ممتاز علي ڀٽي کي گرفتار ڪيو ٻنهي کي پهريائين سکر آندو ويو اتان ڀٽي صاحب کي ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۽ ممتاز علي ڀٽي کي سينٽرل جيل ڪراچي منتقل ڪيو ويو ٖ خير ڀٽو صاحب ۽ ممتاز ڀٽو تہ وڃين جيلن تي پهتا پر پو۽ فوجين جيڪو ڊي سي سکر منظور حسين ڀٽو ۽ خاص طور ايس ڊي ايم سکر علي انور کوکر کي تنگ ڪيو ٖ روز ٻنهي آفيسرن جي فوجي هيڊڪوارٽر ۾ پيشي هوندي هئي تہ اوهان ٽي وي ٖ گهر جي ماني ُ۽ بسترا ڇو فراهم ڪيا جڏھن تہ جيل جي ماني ۽ جيل جا ڪمبل موجود هئا ٖ بس جس آھي انهن ٻنهي آفيسرن کي هو قانون ۽ جيل مينوئل کي کڻي ويهي رهيا تہ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي منصب جي حساب سان جيل مينوئل مطابق “ اي “ ڪلاس جو قيدي هو اسان کيس سندس منصب مطابق ڪجهہ بہ نہ ڏنو اڃا کيس ڏيڻ کپندو هو ٖ بحرحال پو۽ ڪافي عرصي بعد فوجي ٿڌا ٿيا ٖ منظور حسين ڀٽو ۽ علي انور کوکر سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيا ٖ ذوالفقار علي ڀٽي کي پهرين ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ رکيو ويو پو۽ 4 اپريل 1979ع تي راولپنڊي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي

Post a Comment

0 Comments