سيد علي گوهر شاه جي درگاه تي بي حيائي وڌي وئي

سيد علي گوهر شاه جي درگاه تي بي حيائي وڌي وئي




 مٺياڻي لڳ سيد علي گوهر شاه جي درگاه تي سرعام بي حيائي

سيد علي گوهر شاه جي درگاه مٺياڻي کان هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي آهي آهي سيد علي گوهر شاه ڪرامت جو درياه هيو جنهن جي ڪرامتن جو داستان اڄ ماڻهون پنهنجي دل ۾ سمايو وتن ٿا سيد علي گوهر جي مزار تي هزارين ماڻهو پري پري کان زيارت جي لاءِ ايندا آهن ۽ باس باسيندا آهن سائين جن جا مريد اندرون توڙي ٻاهرين ملڪ ۾ آهن پر افسوس آهي ته درگاه جو گادي نشين سول جج اعجاز علي شاه جنهن جي نگراني ۾ هي درگاه آهي 

 عيد جي پهرين ڏينهن کان وٺي درگاه سيد علي گوهر شاه تي مٺهياڻي ابڙان نيوجتوئي کان رولو ڇوڪرا اچي رش ڪري بيهي رهندا زيارت کان پوءِ ٻاهر ديوارن تي ويهي سگريٽ جا سوٽا هڻندا ڇوڪرين کي پيا تاڙيندا 


مٺياڻي شهر کان رڪشوڇوڪرين جو ڀريل ڏسي نوجوان ڇوڪرا رڪشي جو پويان اُر ڪري نڪري پون ٿا سڌو درگاه تي اڳئي روضي ۾ اندر هليا ويندا جيئن اتي نمبر ڏيڻ ۾ اساني ٿئي گادي نشين پنهنجي دوستن سنڏ گڏ گيدهرنگ ڪرڻ ۾ پورو آهي مريد ويچارا اندر واٽ پٽيون تماشو پيا ڏسن مريد ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ته اسان زيارت ڪرڻ آيا آهيون تو کي ڇا ٿو ٿئي 

اهو جواب ملي ٿو  

حيا ويو هليو آ وڌي بي حيائي
شرم آهي اڻ لڀ ڪري ٿو وڏائي

هر ڏينهن ڏکيو آ داستان دردن
لچو لوفرايون ڪري فرق فردن
ڪري پاپ انسان ڪري ٿو لڄائي

نه عزت نه غيرت لڇڻ بي لڇڻ هي
سڄو لوڪ سانگو نه ئي ڪو چوڻ هي
ادراڪ اڀريو نه ئي ڪا سچائي

سڀئي گڻ هليا ويا اوگڻ اندر ۾
ڪپت ڪوڙ ڪينو حسدآ پچر ۾
ويو انس انسان حرس هرڪو وائي

ڪو ماري ٿو انسان نه ڪو ئي سبب آ
قهاري هو باري هو الله رب آ
هو مظلوم ادا آه گهمي عرش آئي

ڀريل هي بازارون اگهاڙي آ عورت
لٽا سڀ لٿل هن بي شرمي آ صورت
چون ٿا آزادي ڏيو هي وبائي

آهي شرم زيور پردو پيارو
نا محرم جي ويجهو وڃڻ ناه وارو
هي اسلوب هن خوب وڏي آورچائي


مان اندازو لڳاتو ته رڳو ڇوڪرا نه پر ڇوڪرين ۾ به ڦير فار آهي اهڙي ٽائيپ حرڪتون ڪن پيون جيڪي بيان ڪرڻ کان پاسو ڪرائن ٿيون 
خدارا درگاه تي اهڙي حرڪتن کان باز اچو نت توهان سان مرشد ناراض ٿي ڏمرجي پوندو 
منهنجي سيد علي گوهر شاه جي مريدن کي اپيل آهي ته عيد جا 2 ڏينهن پنهنجي مرشد جي درگاه تي ڊيوٽي ڏيندا جيڪي ڇوڪرا ڇڇوري حرڪت ٿا ڪن انهن کي زيارت ڪرڻ کان پوءِ روانو ڪيو وڃي جيئن ماحول خراب نه ٿئي 

اهڙين حرڪتن سان شريف ماڻهون  درگاهن تي رخ ڪرڻ کان پاسو ڪندا 

Post a Comment

0 Comments