"پُٽَ ۽ گهوڙا ڏنگا ڀلا "
جلال چانڊيو به ڏنگو فنڪار هيو جنهن اصل راڳ ڳايو
نج سنڌي لهجي ۾
بيتن ڏوهيڙن ۽ چؤسٽن ۾ شاعرن جي شاعري کي مان ڏنائين .
لطيف سچل قلندر جي پڌر ۾ هر سال حاضري ڀريندڙ ۽ هر ماڻهو کي مان ڏيندڙ جلال چانڊيو راڳ جو بادشاهه به هيو. جنهن کي ٽريبيوٽ ڏجي پر لفظ ئي ٿورا آهن .
پر تاريخ جو هڪ يادگار واقعو آهي ته جڏهن مرزا جاني بيگ جڏهن سنڌ جو حڪمران هيو ته اڪبر بادشاهه ان کي خان _خانان هٿان ٻڌرائي دهلي درٻار کڻائي ويو
رات جو تانسين جي راڳ جي محفل لڳي راڳ هليو جنهن ۾ تانسين واهڙ وهائي ڇڏيِا ۽ اتي اڪبر بادشاهه غرور ۽ تڪبر ۾ نؤ لکو هار تانسين کي اڇلائي ڏنو
۽ مرزا جاني بيگ کي چيو ته تون به سنڌ جو حڪمران آ ان ڌرتي جو حڪمران آ جيڪا علم ادب ۽ راڳ جو قدر ڪندڙ آ تون به ڪجهه ڏي تانسين کي .
مرزِا جاني بيگ به باذوق حڪمرِان هيو ان تانسين جي چوڌاري ست ڦيرا ڏنا
تنهن تي تانسين کان دانهن نڪري وئي ۽ اڪبر کي چيائين ته سنڌ جا ماڻهو واقعي راڳ جو قدر ڪندڙ آهن ۽
" اهڙو داد ورلي ڪنهن ڏنو آ . "
سنڌ داد ڏيندڙ ۽ قدر ڪندڙن جو ديس آ جنهن جلال چانڊئي کي بي انتها عزت ڏني
تڏهن چئون ٿاته
جلال چانڊيو ڪير سڏائي ۽ ڪير نه کيس سڃِاڻي
سنڌي ٽوپي ۽ جبل جيڏو ارڏو قد ڪاٺ رکندڙ
سرموڙ شهپر رکندڙ جلال چانڊيو اڄ به زنده آهي پنهنجي ڳايل يادگار گيتن سان ۽ منفرد راڳ سان .
جلال چانڊيو بلڪل ڏنگو فنڪار هيو جنهن راڳ سان سنڌ جي پاڙيسري خطي جي قوالي ٽائيپ راڳين ۽ خيلوي جا ٽپڙ هتان گول ڪرايا ۽ مختصر عرصي ۾ سنڌ جي واهڻ وستي وستي ۾ ڇائنجي ويو .
فوزيا سومرو وري ان عرصي ۾ لاڙ ۾ ڇائنجي پڻ وئي هئي پر جلال چانڊيو سنڌ جي ٻچي ٻچي کي ياد رهيو .
اوطاقي مڙس معتبر ۽ حشمت واري ڏيک ڏيندڙ ڏنگي جلال چانڊئي موسيقي کي نوان دڳ ڏنا ۽ هن پنهنجي منفرد لازوال آواز ۾ باليووڊ جا گانا به ڳائي داد حاصل ڪيو .
روِء نه دلڙي جيرا ڦٽجي پيا ... جيرا ته هنن ٻاهرين فنڪارن جا ساڙيا جڏهن انهن جي جاِء جلال والاري .
"جلال جا گانا اهڙي تهڙي کي سمجهه ۾ ڪين ايندا "ڪاڪو پنجل ٽڳڙ پنهنجي تر ۾ جلال چانڊئي جو عاشق تصور ڪيو ويندڙ آ .
ان جي بقول جلال چانڊيو دلين جو فنڪار آ .
جلال چانڊيو هي جهان ته پلاڻي ويو پر پنهنجي راڳ سان تاحيات زنده رهندو .
اها به سندس جي فتح آ جو ڪيترائي راڳي ان جي ڪاپي ڪري مشهور بڻيا ۽ جلال جو تخلص لڳايون .
جگر جلال .دلبر جلال. ننڍو جلال ۽ ٻيا ڪيترائي .
بحرحال جلال تنهنجا ديوانا بي شمار
جلال تنهنجا چاهيندڙ بي شمار .
سنڌي راڳ جي دنيا جو هي منفرد فنڪار موسيقي جي آسمان تي وينس ستاري مثل چمڪندڙ آ.



0 Comments